درگاهه شريف جھنڊولو بادشاهه

درگاهه شريف جھنڊولو بادشاهه: درگاهه شريف جھنڊولو بادشاهه جو ميلو هر سال ذوالحج مهيني جي 11 کان 13 تاريخ تي شهدادپور کان ٽي ميل پري هالا روڊ تي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ سٺو ملاکڙو به ٿيندو آهي، جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جا مَلهه پهلوان حصو وٺندا آهن. ان کان سواءِ هن ميلي ۾ موسيقيءَ جو پروگرام به وڏي پيماني تي منعقد ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي جا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. انهيءَ کان سواءِ رڇ ۽ ڪُتي جي ويڙهه، چوپائي مال جو واپار، ڀلن گھوڙن ۽ ڍڳن جي ڊوڙ جا مقابلا ۽ سٺا دڪان سينگارڻ وارن ۾ انعامي مقابلا ٿيندا آهن. هن ميلي ۾ لنگر جو به انتظام هوندوآهي. ميلي ۾ سڄي سنڌ مان هزارن جي تعداد ۾ عقيدتمند ايندا آهن، جن لاءِ رهائش جو بهترين بندوبست ڪيو ويندو آهي.


لفظ درگاهه شريف جھنڊولو بادشاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو